اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي هڪ فعال ميمبر طور تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهندو. پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جي ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام ڀارت جي ميزباني ۾ 3 اپريل تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ثقافت وارن وزيرن جي اج??اس ۾ ??رچ??ئل شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته انجنيئر امير مقام اج??اس ۾ پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ تحت ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي هڪ فعال ميمبر طور شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جاري رکندو ۽ ان جي نتيجن ۾ م??لس?? تعاون ڪندو رهندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل