اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جمعي ڏينهن پشاور ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خوفناڪ واقعي جي سببن تي غور ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊي??ن جي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن، گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، سيڪيورٽي فورسز، پوليس جا عملدار ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شرڪت ڪندا.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada