اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ اسلامي تعاون تنظيم جي اصولي موقف ۽ مسلسل حماي?? کي ساراهيون ٿا، ان سا?? ڪشميرين ??ي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط پيغام ويندو جڏهن ته او آءِ سي جي سيڪريٽري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تحت ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي مڪمل حماي?? کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ??براهيم طحيٰ ملاقات ڪئي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين ملڪي دوري تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ۽ انساني صورتحال جي سنگين ??ورتحال کي اجاگر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خواهشن تحت ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مستقل حماي?? کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لائين ??ف ڪنٽرول (ايل او سي) جي تاريخي دوري جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان جي دوري سا?? ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ او آءِ سي جي حمايت جو هڪ مضبوط پيغام ويندو. وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي اڻٿڪ حماي?? کي ??ڻ ورجايو. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته فلسطين مسئلي جو ڪو به حل 1967ع کان اڳ جي سرحد تي ٻڌل هجڻ گهرجي جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي. ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ته او آءِ سي ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي غيرمعمولي اجلاس کانپوءِ کان افغانستان سا?? رابطا وڌائي ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري جنرل انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪري جن کي افغانستان جي عوام منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم وڌندڙ مسلم دشمني ۽ نبي ڪريم ﷺ جي حرمت جي پائمالي ڪرڻ جي ڪوششن جو مقابلو ڪرڻ جي ضرور?? کي ورجايو. هن اسلامو فوبيا جي مهم جي تيز ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، خاص طور تي اسان جي خطي ۾ جتي مسلمان ۽ اسلام مخالف ايجنڊا کي رياستي پاليسي جي هڪ هٿيارن طور استعمال ڪيو پيو وڃي. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي مڪمل حماي?? کي ورجايو. هن پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سا?? ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم کي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل (سي ايف ايم) جي چيئرمين ??ور پاڪستان جي باقي مدت دوران او آءِ سي سيڪريٽريٽ پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.
ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مسلسل حمايت کي ساراهيون ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی