اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف پهرين ۽ ٻه نومبر تي چين جو دورو ڪندو. وزيراعظم کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد ??هباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو. وزيراعظم 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪ??ي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي ويهين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سطح جي دورن جي تسلسل جو اظهار آهي. وزيراعظم چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽج?? تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون متوقع آهن. جڏهن ته وسيع پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر ??ي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي تي تعاون جي رفتار کي مستحڪم بڻائڻ جي به اميد آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جو پهريون دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena