اسلام آباد-11 ??ئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منص??اڻ?? ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخن ۾ پاڻيءَ جي 52 کان 62 سيڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊا??ون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ ??ار??ن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منص??اڻ?? ورڇ ضروري آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ۽ صوبن وچ ۾ منص??اڻ?? ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو.
سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو پوندو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania