اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي نه وسار?? سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ڏينهن ??ي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪ?? سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته اي پي ايس سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پ??لڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو، هن ??يو ته قوم جي حيثيت سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پ??لڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.
چوڌري فواد حسين پاران اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری