اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي ??دا??ي جي افغان عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون افغانستان ۾ انساني بحران کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خوراڪ جي عالمي ??دا??ي جي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پ?? عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي ??دا??ي پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي ش??وعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغان عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پ??جي سگ??ي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگ??ي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي ??دا??ي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگ??ي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.
افغان عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر