صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ادارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪس??ان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلين ٽري سونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري سونامي منصوبي مان 3 لک 50 هزار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ اسپيڪر ٻوٽو لڳايو. ان مو??عي تي اسپيڪر چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي اداران ڪيو. خيبرپختونخوا دني?? جو واحد صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ”بون چئلينج“ و??ت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چيو ته عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري سونامي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪس??ان ڏئي سگهون. هن چيو ته اڄ 5 آگسٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي مو??عي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪس??ان حڪومت ??نهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي.
7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار