اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف 700 ا??ب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جو انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، 15 ملين ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو ويندو، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اج??اس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ايف بي آر ڪنهن ٽيڪس باقيدار کي گرفتار نه ڪندو پر پهرين ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊٽ ٿيندو، پوءِ ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ گرفتاري جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف 700 ا??ب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جا انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته اسان ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار کي وڌائينداسين جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار ۾ آڻينداسين.
آءِ ايم ايف جي انڪم ٽيڪس لڳائڻ جي ڳالهه جي مون مخالفت ڪئي: شوڪت فياض ترين
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس