اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته چيئرمين ??ائو زي تنگ ۽ وزيراعظم چوان لائي پاڪ چي?? لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، پاڪ چي?? لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن، چي?? پاڪستان جي اهم اسٽريٽجڪ، معاشي ۽ ترقياتي ترجيحن جي معاملن ۾ اسان جي مدد ڪئي، قومي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي لازمي هجڻ تي پاڪستان ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چي?? لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جي حوالي سان هڪ ئي وقت پرڏيهي وزارت پاڪستان ۽ پرڏيهي وزارت چي?? ۾ منعقد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ چي??ي پرڏيهي وزير وانگ زي (وڊيو لنڪ ذريعي) تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چي?? ته 21 مئي 1951ع تي شروع ٿيندڙ ٻطرفن پاڪ چي?? مثالي لاڳاپن کي 2021ع ۾ 70 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن. ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ ان لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪندا رهندا. شاهه محمود قريشي چي?? ته منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته آئون چي??ي پرڏيهي وزير وانگ زي سان گڏ پاڪ چي?? لازوال دوستي جي 70 سالا جشن جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. گذريل 70 سالن ۾ پاڪ چي?? لاڳاپا، وسيع البنياد ڊگهي مدي، سدا بهار اسٽريجڪ حصيداري ۾ تبديل ٿيا. هن چي?? ته پاڪ چي?? لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا ضامن آ??ن، اسان کي خوشي آهي ته پاڪستان انهن اولين ??لڪن ۾ شامل آهي جن سڀ کان اڳ چي?? جي رياست کي تسليم ڪيو. چي?? پنهنجي محنت جي زور تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جون ڪيتر??ون ئي اهم منزلون طئي ڪ??ون آ??ن، اڄ چي?? دنيا جي ٻي وڏي اقتصادي قوت هجڻ سان گڏوگڏ عالمي واپار ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي چڪو آهي.
چيئرمين مائو زي تنگ ۽ وزيراعظم چوان لائي پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت