اسلام آباد ??? 17 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي چونڊيل نئين وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ لٽيندڙن ۽ قرضي ڪندڙن جي سخت احتساب جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. قومي اسيمبلي ۾ قائدايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان چيو ته هو اڄ الله تعاليٰ ۽ پنهنجي قوم جو ٿورو ادا ڪري ٿو ج??هن کيس ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏنو ج??هن جو قوم 70 ??ال?? کان انتظار ڪري رهي هئي، هن چيو ته هو پنهنجي قوم سان واعدو ڪري ٿو ته هو اهڙي تبديلي آڻيندو ج??هن لاءِ هو سڪي رهي هئي، هن چيو ته هاڻي سڀ کان پهرين ملڪ ۾ سخت احتساب ڪرڻو آهي ۽ جنهن ماڻهن ملڪ کي ڦريو ۽ قرضي بڻايو انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو