??سل??م آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ??ريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي ر??ورٽ پيش ڪئي وئي، وزيراعظم ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ??ريس سسٽم جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئ??مي?? پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئ??مي?? ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري امداد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ??ريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار جي مانيٽرنگ، جعلي مصنوعات جي سڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ٽريڪ اينڊ ??ريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ۽ لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان غفلت جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پهتو، ايتري اهم قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ جلدبازي ڪري اهم شقن کي نظ??انداز ڇو ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظ??ثاني ڪئي وڃي، معاهدي ۾ ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي حل جي متبادل نظ??م جي حوالي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃن، انڪوائري ر??ورٽ موجب ان وقت جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ موجب ان سنگين غلطي جي بنيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي لاءِ ان وقت جي ايف بي آر چيئ??مي?? کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزيراعظم جامع رپورٽ جوڙڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
وزيراعظم کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت جي حوالي سان انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ پيش، وزيراعظم پاران سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت