اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد ص??يق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد ص??يق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته محمد ص??يق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پر??زم آهي. هن چيو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي ما??جڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برا??ر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ محمد ص??يق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي ص??ر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد ص??تيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان