اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري چيو آهي ته دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو ??هي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو ??مجهي ٿو. 16 هين قومي اسيمبلي ??ي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل ا??لا?? کي پنهنجي خطاب ۾ صدر آصف علي ??رداري دهشتگردي جي لعنت جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي اميد ڪريون ٿا. صدر چيو ته دهشتگرد گروهه اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي خلاف حملن ۾ ملوث آهن، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي جي قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، منهنجي گهرواريءَ ۽ ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پنهنجي حياتي ڏني آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتحاد ۽ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهندس. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ قومي سرحدن جي دفاع ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن.
دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج