اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ اير??ن جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اير??ن جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. وزيراعظم اير??ن جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم ايراني صدر سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي اير??ن جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير وزيراعظم جا ??ستقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو ??ائ??و پيش ڪيو. هن اير??ن جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاون، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números dupla sena