اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ ضرورتمند شاگردن لاءِ فيس ۾ رعايت/اسڪالرشپ جي دائري کي وڌائڻ ذريعي برابري کي بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. جاري پريس رليز موجب هن اهڙن خيالن جو هن نجي تعليمي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته سراسري سمورا نجي ادارا پنهنجي شاگردن کي 15 کان 25 سيڪڙو تائين وظيفا ڏئي رهيا آهن، نجي تعليمي ادارن جي نمائندن سي ايس آر جي جديد ۽ پائيدار طريقين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير سي ايس آر قدمن ۽ سرگرمين کي ساراهيو جيڪي نجي تعليمي ادارا پهرين ئي اختيار ڪري چ??ا آهن، ان سان معاشري جي گهٽ سگهه رکندڙ طبقن جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي فراهمي جا دروازا کلي ويندا. اهي قدم پاڪستان جي انساني ترقي کي بلند ڪرڻ ۽ ملڪ جي سماجي سرمائي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم آهن. مدد علي سنڌي استادن جي تربيت ۽ اهميت تي روشني وجهندي چيو ته نه رڳو وفاق پر سمورن صوبن ۾ به ان کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته سي ڊي اي اسڪولن جا پلاٽ نيلام ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي، هن پيرا (PEIRA) ۽ وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان عمل ۾ سي ڊي اي جو س??ٿ ڏي.وفاقي وزير چيو ته سندس ڌيان سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي ڪنٽرول ڪرڻ تي آهي.هن چيو ته وفاقي تعليم واري وزارت هر صوبي ۾ 2 ماڊل اسڪول ٺاهڻ جو منصوبو بڻايو آهي، مدد علي سنڌي سمورن پرائيويٽ ادارن جي مس??لن کي تسليم ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هر م??ڪن تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.
تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان نجي تعليمي ادارن جي سربراهن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ