اسلام آباد – 02 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گهرو معاملن و??ري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وزارت اچڻ تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير گهرو معاملن و??ري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي جي آجيان ڪئي. ٻنهي نگران و??يرن تازن بم ??ماڪن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت جي اليڪشن ڪم??شن سان مدد بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزيرن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ۾ اليڪشن ڪم??شن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جو فرض ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪم??شن جي مدد ڪرڻ آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی