لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي ن??ائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ??ئي?? جي تاج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي س??براهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ??ئي?? پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ملڪي س??براهن جي اعزاز ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ ميان محمد نواز شريف سان ملاقات پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena