ڪراچي – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ منعقد سول ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اع??از عطا ڪيو. گورنر هائوس سنڌ پاران جاري پڌرائي موجب ڪامران خان ٽيسوري هڪ ناليواري ڪاروباري ۽ سرندي واري شخصيت پڻ آهي ۽ هو 9 ڀيرا بهترين ايڪسپورٽرز ٽرافي ۽ ٽي ڀيرا بزنس مين آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هڪ ڀيرو گولڊن سن آف دي ڪنٽري جو اع??از پڻ کيس ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف تمغه امتياز ملڻ تي سنڌ جي گورنر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ايوارڊ توهان جي خدمتن جو اع??راف آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته هن ايوارڊ جي لاءِ الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهيان. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو صوبي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندو.
صدر پاران سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ ان جي ڪوششن تي تمغه امتياز جو اعزاز عطا
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais