اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سموري قيادت کي گڏجي ويهڻو پوندو، معاشي معاملا بهتري بدران خراب ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته هو هن ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ اسان سان گڏجي ويهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي آخري ڏينهن ??يالن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن ??يوان ۾ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ??رفان گولڊن جوبلي تقريبن دوران خيالن جي اظهار سان آئندي جون راهون مقرر ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، هن ??اندار تقريب منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، سندس ٽيم، سينيٽ سيڪريٽري، پروٽوڪول سيڪشن، ميڊيا سميت سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته هتي جيترا به ماڻهو شريڪ ٿيا انهن ??ي ڳالهه جو محور پاڪستان جي معاشي صورتحال رهي، سينيٽ ۽ وفاق پاڪستان جي ع??ام?? آهي، ملڪ هن وقت جنهن ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪو سياسي گرمي پد آهي ان تي به هتي ڳالهه ٿيڻ گهربي هئي، هن چيو ته ا??ان هن فورم تان هڪ دفعو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته رياست پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ پاڪستان جي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اڄ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ويهي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان جي اها بدقسمتي آهي ته هتي معاملا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيا، هن چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال، ڪرنسي، معاشي اوسر ۾ اسان لاهن چاڙهن ??و شڪار ئي رهيا آهيون، ان جو هڪ وڏو سبب شايد سياسي عدم استحڪام آهي ۽ سياسي عدم استحڪام جو هڪ وڏو سبب غير آئيني مداخلت رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻن موقعن تي آئين معطل ۽ آمراڻو راڄ لاڳو رهيو جنهن ??و وقت ڪڏهن 10 سال ۽ ڪڏهن 8 سال رهيو، هن چيو ته ا??ان کي انهن ??ببن جو به جائزو وٺڻو پوندو ته اهي مارشل لا ڇو لاڳو ٿيا. هن ??وال ڪيو ته ڇا اسان کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي؟ هن چيو ته ا??ان کي پنهنجي روين ۾ سنجيدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، هڪٻئي جي ڳچي پڪڙڻ سان هي ادارو ۽ رياست ٻئي ڪمزور ٿيندا. اسان کي سنجيده سياستدانن طور بردباري، تحمل، برداشت سان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هن ??هم موقعي تي مخالف ڌر انهن ??قريبن ۾ شرڪت نه ڪئي، اسان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي پر اهو سندن پنهنجو فيصلو هو جيڪڏهن هو اسان جي وچ ۾ هجن ها ته خوشي جي ڳالهه هجي ها ۽ ان سان عوام تائين سٺو پ??غا?? وڃي ها ته پاڪستان جا سياستدان آئين جي گولڊن جوبلي تي گڏجي ويٺل آهن. ڪميٽي آف دي هول جو حصو بڻجن ها ته ان سان سٺو پ??غا?? وڃي ها، هن چيو ته سياست تفريح جو نالو ناهي سياست پنهنجي نظريي تي ڄمي بيهڻ جو نالو آهي، جڏهن ??ه ٻانهون مٿي کنجي ڄمي بيهڻ درست عمل ناهي، معاملا منطق ۽ دليل سان اڳتي وڌندا آهن، هڪٻئي کي قائل ڪريو ۽ وطن عزيز ۾ رهندڙ ماڻهن لاء?? آسانيون پيدا ڪريو، اها ئي قيادت ۽ اها ئي ذميواري ۽ اهو ئي حلف ۽ فرض آهي. هن ??ميد ظاهر ڪئي ته هن ??يوان ۾ مخالف ڌر کي اهو پ??غا?? ڏيون ٿا ته هن ملڪ لاءِ گڏجي ويهون، چڱايون ميڙيون، براين جو خاتمو ڪريون ته جيئن ايندڙ 50 سال خوشحالي ۽ ترقي جا ٿين.
سمورين سياسي قوتن کي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر