اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته زمان پارڪ ۾ رياستي ادارن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، بار بار وقت ملڻ جي باوجود عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، هو غيرقانوني عمل سان عدالت تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي، پوليس ڪرپشن ڪيسز ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ??اء?? عدالتي حڪمن جي تعميل تي زمان پارڪ ۾ موجود هئي. عالمي نشرياتي اداري ”بي بي سي“ سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ??ه زمان پارڪ ۾ ڪارروائي دوران پوليس وٽ ڪو هٿيار نه هو، پوليس اهلڪارن کي ڏنڊن ۽ پٿرن سان ماريو ويو، انهن جي گاڏين تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. ان ڏوهاري فعل جي ڪري ڊي آءِ جي آپريشنز سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا جيڪي اسپتال ۾ داخل آهن. مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان گرفتاري کان بچڻ جي ??اء?? پارٽي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو. هن چيو ??ه تازي آڊيو ليڪ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ سينيئر عهديدارن کان پيٽرول گهرائي پيٽرول بمن ۾ استعمال ڪرايو. هن چيو ??ه عمران خان غيرقانوني عمل سان عدالت تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي. پاڪستان جي آئين ۾ قانون سڀني جي ??اء?? برابر آهي، جيڪو قانون منهنجي ??اء?? آهي اهو ئي سڀني جي ??اء?? آهي. هن چيو ??ه جيڪڏهن برطانيا ۾ ڪو سياسي اڳواڻ پوليس ۽ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري، پنهنجي ورڪرز کي رستن تي تشدد تي اتساهي ۽ پاڻ گهر تي لڪي ويهي ۽ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري، ته اتي ڇا ٿيندو؟ اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ??ه عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ت??او?? بدران قانون شڪني ڪري رهيو ??هي، عمران خان کي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه، تشدد، انارڪي کي هوا ڏيڻ جي اجازت جي اجازت هرگز نه ٿي ڏئي سگهجي.
زمان پارڪ ۾ رياستي ادارن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش