اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برا??ري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي انهن جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي واعدي کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳا??يل قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا جا ڪشميري گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) جي منظور ڪيل قرارداد جي 74 هين سالگرهه مله??ئي رهيا آهن جنهن ۾ اهو شرط رکيو ويو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ جمهوري طريقي سان آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي ڪيو ويندو، اهو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جي حق جو ورجاءُ هو جيڪو عالمي قانون ۾ لکيل آهي ۽ عالمي انساني حقن جي ادارن ان کي برقرار رکيو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ان حق ج?? استعمال نه ڪري سگهي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ ان جي راءِ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪري هيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع کان هي ڪشميرين کي پنهنجي ئي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هر سال عوام جي خودمختياري جي آفاقي حق جي حوالي سان هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا جبري قبضي جي حالتن ۾ رهندڙ ماڻهن جي خراب حالت ۽ حقن جي طرف عالمي ڌيان ڇڪر??ئي ٿي، عالمي برا??ري خاص طور تي گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اها ان واعدي کي پورو ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئي ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان بهادر ڪشميري عوام جي انهن جيو قار ۽ حقن بشمول انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳا??يل قراردادن موجب انهن جي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومُون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي واعدي کي پورو ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania