اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان سان خطي جا وسيع تر اقتصا??ي ۽ واپاري فائدا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ڳالهائيندي چئي، پاڪس??ان کي مالياتي معاونت تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي وزيراعظم سان اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) ۾ وچ ايشيائي رياستن جي شموليت جي امڪانن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم باضابطا ايجنڊا ۽ اتفاق ??اء?? کانپوءِ اي سي او جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ۽ ان ۾ وچ ايشيا جي رياستن کي شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي ۽ چيو ته ان سان اقتصادي سرگرمين ۽ علائقائي تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم اقتصادي تعاون تنظيم تي وچ ايشيائي رياستن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ا??ي هڪ وڏي آبادي تي ٻڌل رياستون آهن جيڪي ريلويز ۽ زميني رابطن جي وسيع تر صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ج??ڙن اسرندڙ ملڪن کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، افغانس??ان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ ممڪن آهي ۽ انهن رابطن سان سمورن علائقائي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وسعت ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترجيحون اي سي او جي ايجنڊا آهي ۽ اقتصادي امڪانن ۾ اضافي سان پاڪس??ان ج??ڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موقعن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم اي سي او جي وچ ايشيا تائين پهچ جي خيال کي ”گيم چينجر“ قرار ڏنو ۽ چيو ته گوادر جي بندرگاهه دنيا کي گئس جي فراهمي جو مرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٽه رخي اقتصادي تعاون جي ويزن جي ذريعي ريلوي ٽريڪس ۽ رستن جي ذريعي رابطاڪاري سان علائقائي منظرنامو تبديل ٿيندو ۽ انهن رابطن جي انهن ذريعن سان قدرتي وسيلن کان مالامال ملڪ پنهنجون شيون برآمد ڪري سگهندا. هن اي سي او بئنڪ جي صدر کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ بئنڪ پاران 150 ملين يورو جي مالي معاونت ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ٿيندي.
وزيراعظم پاران سمنڊن تائين پهچ کان محروم وچ ايشيا جي رياستن تائين اقتصادي تعاون تنظيم جي پهچ جي امڪانن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات