ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ا??را?? ۽ منگوليا جي صدرن وزيراعظم شهباز ??ريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف اي?? سي او ۽ رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي هلندڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيراعظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز اي?? سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. اي?? سي او جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيراعظم شهباز ??ريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اي?? سي او مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ا??را?? جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف اي?? سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.
تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن پاران وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ