اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فيڪ نيوز جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي انس??ني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو جمهوري چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، عالمي پارليام??ني يونين موسمياتي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ عالمي تعاون ۾ اضافي جي لاءِ مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي بين الپارليام??ني يونين جي صدر دوراتي پشيگو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اقتصادي معاملن واري ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي ۽ رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي دن??ا کي درپيش سڀ کان مضبوط چئلينجز مان هڪ آهي، موسمياتي تبديلي اسان جي وقت جي زندهه حقيقت آهي، پاڪستان کي ٻوڏ سان جنهن تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي اه?? موسمياتي تبديلي جي ڪري آهي. هن چيو ته معاشي بحران پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي پاڪستان جي صلاحيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها اڳتي وڌي ۽ هن آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. وزيراعظم بين الپارليام??ني يونين کي چيو ته هو موسمياتي تبديلي بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري موسمياتي بحران کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڪري. هن چيو ته دن??ا کي هن خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موسمياتي انصاف جي پيروي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ڪوتاهين جي باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي جيڪو ماڻهن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي. هن فيڪ نيوز کي جمهوريت کي درپيش وڏن چئلينجن مان هڪ قرار ڏنو. وزيراعظم ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي بدترين خلاف ورزين خاص طور تي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته بنيادي انس??ني حقن جي خلاف ورزين ڀارت جو نام نهاد جمهوري چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. بين الپارليام??ني يونين جي صدر تازي ٻوڏ دوران قيمتي انس??ني جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي پئم??ني تي نقصان تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو. هن موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ ترقي يافته ملڪن تي زور ڏنو ته اه?? ڪاربن جي اخراج کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهين. هن پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين آءِ پي يو ريجنل سيمينار منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي ساراهيو. هن چيو ته هن تقريب سان ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ علائقائي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
فيڪ نيوز جمهوريت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، ڪوتاهين باوجود جمهوريت اڃا به دنيا جو بهترين نظام آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا