اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي جتي ڀارتي قابض فوج هڪ 23 سالا انجنيئرنگ جي شاگرد سميت وڌيڪ 6 ڪشميري نوجوانن کي بارهمولا ۽ شوپيان جي علائقي ۾ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي افيس جي تر??مان عاصم افتخار احمد پريس بريفنگ ۾ ناليواري ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي سندس پهرين ورسيءَ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو همت، حوصلي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري عوام جي دليراڻي جدوجهد جو چهرو هو، جنهن جو حق کيس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ذريعي ڏنو ويو آهي. سيد علي گيلاني کي جدوجهد ۾ مصروف هم وطنن ”باباءِ حريت“ جو نالو ڏنو آهي، هن گذريل س??ل پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي غيرقانوني ڀارتي حراست ۾ پنهنجا آخري ساهه کنيا. پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ته اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي ناظم الامور کي خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ سيد علي گيلاني کي ان جي وصيت ۽ ان جي گهرڀاتين جي خواهش موجب تدفين جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل بي حسي تي سخت احتجاج ڪيو ويو. تر??مان چيو ته ڀارتي ناظم الامور کي ڀارتي حڪومت جي مسلسل هٺ ڌرمي تي پاڪستان گهري افسوس جو اظهار ڪيو جنهن سيد علي گيلاني جي مڙهه کي ان جي وصيت موجب شهيدن جي قبرستان ۾ باوقار تدفين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. تر??مان چيو ته وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪشميرين کي سرينگر جي حيدر پوره جي قبرستان ۾ ان اقابل احترام اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي به اج??زت ناهي ڏني جتي ان کي گذريل سال انتهائي جلدي ۾ سندس گهرڀاتين ۽ ان جي چاهيندڙن جي غيرموجودگي ۾ دفن ڪيو هو. تر??مان ان يقين جو اظهار ڪيو ته ڀارتي ڏاڍ، بي حسي ۽ اخلاقيات جي ناقابل يقين حد تائين غيرموجودگي والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جي جذبي ۽ سيد علي گيلاني جهڙي صاحب بصيرت اڳواڻ جي لاءِ عوام جي ياد کي گهٽ نه ٿي ڪري سگهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ته سيد علي گيلاني جي ميراث ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ڀارتي قبضي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ وارن کي تحرڪ ڏيندي رهندي.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری