اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماءُ جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀ گڏجي ماءُ جي عظيم رشتي کي سل??م پيش ڪريون ٿا، ماءُ کان وڌيڪ مخلص رشتو ڪو نه آه??، ماءُ رڳو ماءُ هوندي آهي الله تعاليٰ انسان سان پنهنجي محبت جي تعارف جو ذريعو ماءُ کي بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي ۽ ماءُ جي خدمت اصل ۾ انسان جي ڪردار جي گواهي هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ماءُ جي خدمت ڪري دنيا ۽ آخرت سنواريون، مون سميت هر انسان جي ڪاميابي جي پٺيان ماءُ جي محبت، حوصله افزائي ۽ دع?? اهم ذريعو هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماءُ کي خاص سل??م پيش ڪريون ٿا جن جا پٽ شهيد ڪيا ويا، اڄ اسان ملڪ جي عزت ۽ حرمت تي قربان ٿيندڙ شهيدن جي مائرن کي قوم جو سل??م پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته مدر ٽريسا ۽ پاڪستان ۾ 55 سال جزام جي مرض سان وڙهندڙ ڊاڪٽر رٿ فا جهڙي عظيم ماءُ کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. اسان محترمه بلقيس ايڌي کي سل??م عقيدت پيش ڪريون ٿا، جنهن معاشري جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ منهنجي والده سميت اسان جي مرحوم مائرن کي جنت ۾ جڳهه ڏي. هن چيو ته منهنجي عظيم والده اسان کي اسلام، قرآن، رسول ڪريم ﷺ ۽ پاڪستان سان محبت ڪرڻ سيکاريو، زندگي ۾ مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، عاجزي ۽ انڪساري سيکاري اڄ جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي باهمت والد ۽ پنهنجي عبادتگذار والده جي دع??ئن ۽ تربيت جي ڪري آهيان جن جون مائرون سل??مت آهن، انهن جي خدمت ڪريو ڇو ته ماءُ جو رشتو هڪ سانج??و ۽ عظيم رشتو آهي.
ماءُ جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀ گڏجي ماءُ جي عظيم رشتي کي سلام پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria