مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري ??ي سعادت حا??ل ڪئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا ڪئي، وزيراعظم لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا کوليا ويا. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب عمري ??وران وزيراعظم شهباز شريف خصوصي زيارت کانپوءِ حجرِ اسود کي چُمي ڏني ۽ طوافِ ڪعبه ڪيو ?? ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ??ي موقعي تي ڇنڇر ڏينهن عمره جي ادائيگي دوران وزيراعظم شهباز شريف زيارتِ خاص ۽ طوافِ ڪعبه جي ادائيگي کانپوءِ صفه ۽ مروه جي وچ ۾ سعي ڪئي. وزيراعظم سعي صفه و مروه جي ادائيگي سان گڏ ئي عمره جي تڪميل کانپوءِ ملڪ ۽ قوم ۽ مسلمان امت جي سلامتي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون. وزيراعظم ٽن ڏينهن جي سعودي عرب جي دوري ??وران مدينه منوره ۽ جده ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ ڇنڇر ڏينهن عمره جي سعادت حا??ل ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه روانو ٿيو ?? وفد سميت عمره ادا ڪيو. وزيراعظم مدينه منوره ۾ قيادم دوران ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حا??ري ڀري، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئ??، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. جده ۾ وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدلعزيز سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري ??ابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زردار??، مفتاح اسماعيل، نوابزده شاهزين بگٽ??، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، چوڌري ??الڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديق??، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اش??في به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي
مضمون کا ماخذ : números dupla sena