اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو ??زي?? راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ?? قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم لاهور جي دوري جي موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل سڌارن جي لاءِ گهرو ??زي?? جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ??زي??اعظم پاران اعلان ڪيل جيل سڌارا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. ??زي??اعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي ??نهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. ??زي??اعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذريعن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ ??زي??اعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ??ئي. ??زي??اعظم قيدين کي هنرسازي جي لاءِ پڻ دستياب ذريعا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي ??نهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو، سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں