ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزار جي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، اربع ڏينهن وزيراعظم جي ڪراچي ايئرپورٽ آمد تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم سان پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ان کانپوءِ وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ مزار قائد پهتو، هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جو قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ مولانا اسعد مح??ود?? اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، اڪرم دراني ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا