اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات ??اري وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات ??اري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وزارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلاعات ??اري وزارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اطلاعات ??اري وزارت جا سمورا ادارا عوامي مفاد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلاعات ??اري وزارت ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلاعات ??اري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado