اسلام آباد– 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سپلائي چين لاجسٽڪس جي شعبي ۾ تيزي س??ن ترقي ٿي رهي آهي، دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اڄ پاڪستان جي ترقي لاءِ بي شمار موقعا موج??د آهن، هنرمندي افرادي قوت جي ذريعي اس??ن ترقي جي موقعن مان بي پناهه فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا، دنيا ۾ ڪاروبار جا نوان موقعا وڌي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي جهڙي تيز رفتار س??ن ترقي ڪري رهي آهي ان جي ڀيٽ ۾ فيصلا سازي جو عمل سست آهي، وچ ايشيا جا ملڪ گوادر بندرگاهه جي ذريعي پنهنجي سامان جي پهچ چاهين ٿا، مختلف وچ ايشيائي ملڪن جي اها خواهش آهي ته انهن جي مصنوعات برآمد جي لاءِ گوادر پهچي ته جيئن ان کي ٻاهرين ملڪ موڪلي سگهجي، ان مقصد جي لاءِ گوادر ۾ ويئر هائوسز قائم ڪيا ويا آهن، پاڪستان به پنهنجي شين جي برآمدات وڌائڻ چاهي ٿو. اس??ن تازو ئي ازبڪستان ۽ ترڪي کي واپاري سامان جي ترسيل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”پهرين ملٽي موڊل لاجسٽڪس“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين، معاشي ۽ لاجسٽڪ ماهرن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موج??د آهن، هن چيو ته حڪومت ٽيڪسٽائيل جي ص??عت کي بحال ڪيو آهي جنهن سان 9 سئو ارب روپيا جڏهن ته زرعي ص??عت سان لاڳاپيل ماڻهن کي 11 سئو ارب جو اضافي فائدو ٿيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گذريل سال فيس بڪ (ميٽا) 5 هزار عورتن کي ت??بي?? ڏني ۽ هو ان جي نتيجي ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪاميابي سان هلائي رهيون آهن، هن سال هڪ لک عورتن کي ت??بي?? يافته بڻائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، صدر چيو ته دنيا ۾ بي انتها ترقي ٿي رهي آهي، نوان آئيڊياز پراڻي آئيڊياز کان اڳتي نڪري رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ موقعا وڌي رهيا آهن، پاڪستان جيڪڏهن انهن موقعن کي جلد سڃاڻيندو ته ان سان ملڪ کي فائدو حاصل ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موج??د آهن. ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتن کي تعليم ۽ صحت جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته سپلائي چين لاجسٽڪس جي شعبي ۾ دنيا ۾تيزي س??ن ترقي ٿي رهي آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي سان سپلائي چين ۾ جدت آڻي سگهجي ٿي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو آهي، ڪانفرنس کي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ملڪ کي اقتصادي طور تي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارن کي متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد ادارن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏيڻ آهي، حڪومت سان نجي شعبي جو سهڪار ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پي آءِ اي، ريلوي ۽ ٻين ادارن کي فعال بڻائڻو پوندو.
سپلائي چين لاجسٽڪس جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام