اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دن??ا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضامن آهي، اڄ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر جي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ??وشش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي ??وشش آهي ته اسان مديني جي رياست جي تصور مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي منزل ايتري پري نه آهي، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪري معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۽ انسانيت جي ??لائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
چوڌري فواد حسين چيو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري انسانيت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن چيو ته نبي ڪريم صه جي تعليمات تي عمل ڪري اسان کي قومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حاضر دور جي ??هرج آهي ته اسان عشق محمد ﷺ کي پنهنجي ??ردار، گفتار ۽ عملي نموني سان دن??ا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو اسان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ اسان کي محسن انسانيت نبي ڪريم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حق??قي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.