اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آن لائين ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ آسانيون پيدا ڪري اسان نه رڳو اعليٰ تعليم کي فروغ ڏئي سگهون ٿا پر مارڪيٽ جي طلب ۽ پهچ جي ضرورتن جي ڏس م تعليمي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيسٽ يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ملڪ ۾ هڪ جهڙي تعيلمي جو نظام خواب پورو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي پر تعليمي معيار ۾ بهتري وقت جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري سان گڏوگڏ نصابي مواد تي معيار جو دارومدار آهي. هن چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي، احساس پروگرام ۾ ت??ليم جي فروغ لاءِ وظيفا رکيا ويا آهن، حڪومت ميرٽ تي اسڪالرشپ ڏئي آهي ته جڏهن ته تعليمي ادارن پاران پڻ شاگردن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ڪورونا دوران آن لائين تعليم جو سلسلو جاري رهيو، آن لائين تعليمي نظام کي فروغ ڏئي تعليمي خرچن ۾ گه??تائي ڪري سگهجي ٿي ڇو ته ان تدريس جي طريقي سان فزيڪل اسٽرڪچر جو گه?? کان گه?? استعمال ٿيندو جڏهن ته تعليمي مواد به آن لائين دستياب هوندو. صدر چيو ته ورچوئل تعليمي نظام جديد دور جي ضرورت آهي، ورچوئل يونيورسٽي گه?? تعليمي خرچن سان معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته موجوده دور موجب نصاب متعارف ڪر??ئڻ وقت جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ انجنيئرز، ڊاڪٽرز ۽ پيشيور ماهر نوڪرين جي ڳولا ۾ ٻاهرئين ملڪ ويندا هئا پر هاڻي ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان جا هنرمند ماڻهو ملڪ ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ روزگار جا وسيع موقعا موجود آهن. صدر چيو ته خطي ۾ اعليٰ تعليم جي حوالي سان پاڪستان اڃا پٺتي آهي، پاڪستان جي ترقي ۾ ت??ليم جو بنيادي ڪردار آهي. هن چيو ته تعليم جي فروغ ۽ معيار جي بهتري ۾ نصابي مواد ۽ استادن جي پڙه??ئڻ جو انداز ??نت??ائي اهم آهي، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ۾ وزن هجي ته ماڻهو ان تي يقين ڪن ٿا، انساني لاڳاپن جو بنياد به ڪميونيڪشن تي آهي، قومن ۽ خاندانن ۾ به رابطي ۾ ڪميونيڪشن جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته يونيورسٽين جي استادن کي ميرٽ تي اهي ايوارڊ ڏنا پيا وڃن، يونيورسٽين ۾ ت??ليم جي معياري فراهمي ۽ تعليم تائين پهچ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته يونيورسٽيون قائم ڪرن سان گڏوگڏ فيڪلٽي ڊيولپمينٽ تي ڌيان ڏيڻ جي صرورت آهي، يونيورسٽين ۾ ت??ليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن جي وچ ۾ رابطا هجڻ گهرجن. صدر ڊاڪٽر تسليم انصر آغا خان يونيورسٽي، ڊاڪٽر محمد واصف اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي زرعي يونيورسٽي ملتان کي بيسٽ يونيورسٽي ٽيچر ايوارڊ 2020ع ڏنو.
آن لائين ۽ پيشيواراڻي تعليم ۾ آسانيون پيدا ڪري اسان نه رڳو اعليٰ تعليم کي فروغ ڏئي سگهون ٿا: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada