اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪش??ير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل، تشدد ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فورسز جي پيلٽ گنز سان ڪيترائي ڪش??يري نوجوان ??ور کان محروم ٿي چڪا آهن، ڀارت پاران انساني حقن جون خلاف ورزيون افسوسناڪ آهن، والاريل ڪش??ير جا ماڻهو گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هندو توا نظريي تحت والاريل ڪش??ير جي ماڻهن کي آزادي جي جدوجهد جي سزا ڏني پئي وڃي، آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جنيوا ڪنوينشن جي کلي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي برابر آهي، اسلامي تعاون تنظيم ۽ عالمي برادري والاريل ڪش??ير ۽ فلسطين ۾ تاريخي ناانصافين جو نوٽيس و??ي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ڊاڪٽر سعيد الغفلي جي قيادت ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي آزاد ۽ مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪ??و جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪ??و جنهن ۾ گذريل 2 سالن دوران تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم وفد کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ جڏهن کان ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن والاريل ڪش??ير جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهي آهي جنهن جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ساڻس واعد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪش??ير جي عوام کي عدالت کان مٿانهين قتل، ماڻهن کي حراست ۾ رکڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ماڻهن کي زخمي ۽ اپاهج بڻائڻ جهڙا ظلم درپيش آهن، پيلٽ گنز جي انڌاڌنڌ استعمال جي ڪري ڪش??يري نوجوانن جو وڏو تعداد ??ور کان محروم ٿي ويو آهي تنهن هوندي به ظلم ۽ ڏاڍ جي هر حربو استعمال ڪرڻ جي باوجود ڀارت ڪش??يري عوام جي جذبي کي دٻائي نه سگهيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ فلسطين جي صورتحال تاريخ جي تمام وڏي ناانصافي آهي ۽ او آءِ سي ۽ دنيا کي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀارتي حڪومت جي هندو توا نظريي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڀارتي قبضي ۽ ڏاڍ کان آزادي جي مطالبي تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪش??يري مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام کي خودمختياري واري حق سان گڏوگڏ مذهبي آزادي کان به محروم رکيو ويو آهي ۽ کين والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي ڪري پنهنجي اڪثريت ۽ شناخت وڃائڻ جو به خدشو آهي ۽ اهو ڀارتي قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي برابر آهي، وزيراعظم او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن پاران والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت پاران منظم ۽ وڏي پئماني تي انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ تي ان جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هڪ آزاد اداري جي طور تي ڪميشن جا خيال موجوده زميني حقيقتن موجب آهن. والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام ان جي حالت کي محسوس ڪرڻ ۽ او آءِ سي ۽ عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرائڻ تي ڪميشن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت پاران ڪيل سمورا هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم واپس و??ڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري بند ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو ۽ مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو ان جي مقابلي لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪميشن جي وفد جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ وفد جي ان ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ موجودگي سان ڪش??يرين جي منصفاڻي موقف جي ڀرپور حمايت جي عڪاسي ٿئي ٿي، ڪميشن جو وفد والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي فيصلي جي روشني ۾ اسلام آباد ۽ آزاد ڪش??ير جو دورو ڪري رهيو آهي، ڪميشن هڪ جامع طريقڪار جوڙيو آهي جنهن تحت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جي باقاعدگي سان نگراني سان گڏوگڏ رپورٽون به جوڙيون وينديون
وزيراعظم سان ڊاڪٽر سعيد الغفلي جي قيادت ۾ او آءِ سي جي آزاد ۽ مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي وفد
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ