اسلا?? آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته افسوس اڄ مريم نواز بهاولپور ۾ خطاب ڪندي اهو وسري وئي ته ان شاهي خاندان لاهور کي ٺاهڻ سنوارڻ جي نالي تي ڏکڻ پنجاب جي ??وام جي فنڊن تي ڌاڙو هنيو، ڏکڻ پنجاب جي ??وام تعليم، صحت ۽ روشني لاءِ ترسندي رهي جڏهن ته انهن جا سمورا وسيلا لاهور تي خرچ ڪيا ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکڻ پنجاب جا آبادگار ان شاهي ٽولي کان نفرت ڪن ٿا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي ??ڪومت جي ??ور ۾ انهن کي بک وگهي مرڻ تي مجبور ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز