اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) ترڪ?? جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ سياست، معيشت، دفاع، واپار ۽ سيڙپڪار?? جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان پنهنجي قدرن جي تحفظ سان گڏوگڏ جمهوريت تي عملدرآمد کي ڪاميابي سان سرانجام ڏيڻ جو مظاهرو ڪندي مسلمان امت جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪي?? آهي، ترڪي کي ڪشمير ۾ تازي ڀارتي ظلمن تي وڏي ڳڻتي آهي ۽ هو ڪشميري عوام جي خواهشمن موجب ڪشمير مسئل?? جي حل جي خواهشمد آهي ۽ ان ڏس ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته آئون اوهان سڀني کي پنهنجي وفد ۽ ترڪ عوام طرفان دلي جذبن، احترام، محبت ۽ خلوص ڀريو سلام پيش ڪريان ٿو، آئون ترڪي مان اوهان سڀني لاءِ محبتون کڻي آي?? آهيان، آئون هڪ ڀيرو ٻيهر سمورن پاڪستاني ڀائرن سان پنهنجي محبت، احترام ۽ خلوص جو اظهار ڪريان ٿو، 2012 جي پاڪستان جي دوري دوران به مون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، تقريبن ساڍا چار سال بعد قومي حاڪميت جي علامت بڻجندڙ هن ادار?? جي ڇت هيٺان هڪ دفعو ٻيهر گڏ ٿيڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه آهي.
ترڪي کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڳڻتي آهي: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری