جنيوا-24 جولاءِ(اي پي پي) روس چيو آهي ته آمريڪي حڪومت ائٽمي تجربن تي پابندي واري جامع معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي. ميڊيا رپورٽن مو??ب روس جي پرڏيهي وزارت جي هٿيارن جي ڪنٽرول واري اداري جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ميخائل ڪونڊرا ٽينڪوف ائٽمي هٿيارن جي عدم پکيڙ جي معاهدي جي ڌرين جي 11هين ڪانفرنس جي حوا??ي سان ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ ٻڌايو ته روس جو خيال آهي ته آمريڪا پاران 1999 ک??ن پوءِ ان سلسلي ۾ ڪو به عملي قدم نه کڻڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا سي ٽي بي ٽي ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي. ميخائل ڪونڊرا ٽينڪوف ٻڌايو ته آمريڪي ڪانگريس مختلف بهانن کي بنياد بڻائي هن وقت تائين معاهدي جي توثيق کان انڪار ڪيو آهي جنهن ک??ن پوءِ اسان ان نتيجي تي پهت?? آهيون ته آمريڪي اسٽيبلشمينٽ سي ٽي بي ٽي جي توثيق ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ٿي رکي، روس جي عهديدار جو چوڻ هو ته تازو ئي روس سي ٽي بي ٽي جي عالمي مانيٽرنگ سسٽم جي پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سي ٽي بي ٽي جي توثيق ڪري ٿو ته روس پڻ ان جي توثيق جي معاملي تي واپس وڃڻ لاءِ تيار آهي.
آمريڪا سي ٽي بي ٽي جي توثيق ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿو رکي: روس
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2