رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي ??زير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي ??زير ۽ دفاع واري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ن??تن جو جائزو ورتو ??يو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ ٻه طرفن ن??تن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پرڏيهي ??زير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي هم منصب سان گڏ غز?? تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پرڏيهي ??زير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا