جنيوا -19 ڊسمبر (اي پي پي )صحت جي عالمي کاتي (ڊبليو ا??ڇ او ) اسرائيلي فوج پاران غزه جي ڪمال عدوان اسپتال کي تباهه ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي .ان اسپتال تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ فوتين ۾ علاج ??يٺ 8 مريضن سميت 9 سالن جو ٻار به شامل آهي. ڊبليو ا??ڇ او جي اڳواڻ ٽيڊروس ايڊ هانوم گيبريسس چيو ته غزه ۾ صحت جو نظام پهرين ئي متاثر آهي. ڪمال عدوان جي اسپتال جي تباهي تمام وڏو ڌچڪو آهي. هن چيو ته غزه ۾ اسپتالن صحت کاتي جي اهلڪارن ۽ مريضن تي حملا ختم ٿيڻ گهرجن جلد جنگ بندي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊبليو ا??ڇ او ڪمال عدوان اسپتال جي ويجهو بي گهر ڪيل ماڻهن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو فڪر مند آهيان جڏهن ته فلسطيني صحت واري و??ارت ان واقعي جي جانچ جو مطالبو ڪيو آهي .
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ