بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ انڊونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. چيني ميڊيا رپورٽس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ”بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ جي موقعي تي ٿي، انڊونيشين صدر عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي سرڪاري دوري تي آهي. ملاقات ۾ شي جن پنگ نشاندهي ڪئي ته انڊونيشيا اها پهرين جڳهه آهي جتي هن 21 هين صدي جي ميري ٽائيم سلڪ روڊ جي تعمير جي تجويز ??ني?? گذريل 10 سالن دوران ”بيلٽ اينڊ ر??ڊ“ جي گڏيل ??عمير ۾ چين ۽ انڊونيشيا جو تعاون خطي ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي ۽ اهو ”بيلٽ اينڊ ر??ڊ“ تحت تعاون جو اهم نمونو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ”بيلٽ اينڊ ر??ڊ“ جي گڏيل ??عمير ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ اتحاد، گڏيل ??عاون ۽ پاڻڀرائپ کي ظاهر ڪري ٿو، چين انڊونيشيا سان گڏيل ??عاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي.
چين جي صدر ۽ انڊونيشيا جي صدر ۾ ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی