رياض -11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب غزه جي ص??رت??ال تي اس??ام?? سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس فوري طور تي طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ عسڪري ڪارروائين ۽ وڌندر ڇڪتاڻ جو جائزو ورتو ويندو، جيڪا خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطري جو سبب بڻجي رهي آهي. سعودي عرب اهو اجلاس اس??ام?? سربراهي ڪانفرنس جي موجوده ??يشن جي سربراهه ۽ او آءِ سي ورڪنگ ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان طلب ڪيو آهي. ان کان علاوه او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي جارحيت جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن جنهن ۾ وڏو انگ معصوم ٻارن، عورتن ۽ صحافين جو پڻ آهي. او آءِ سي اسرائيل کي عا??مي ٺهرائن کي نظرانداز ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. او آءِ سي سي عا??مي برادري خاص طور گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ، فلسطيني عوام کي عا??مي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اسرائيل جو ظالماڻو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ ٺوس ڪردار ادا ڪري ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۽ اوڀر القدس کي ان جو گادي وارو شهر بڻائڻ جي سلسلي ۾ قدم کنيا وڃن. او آءِ سي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي، ته اها عرب امن فارمولي ۽ عا??مي ٺهرائن مطابق ٻه رياستي حل جي تصور جي بنياد تي جامع ۽ منصفاڻو امن قائم ڪرائي.
غزه صورتحال تي سعودي عرب او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج