تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو. امام خميني عالمي هواءِ اڏي تي پاڪستان ۾ ايران جي سفير محمد علي حسيني، ايران ۾ مقرر پاڪستان جي سفير رحيم حيات ق??يش?? ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يش?? پنهنجي ايران جي دوري دوران ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سميت ايراني قيادت سا?? ملاقات ڪندو. انه?? ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير 27 آڪٽوبر 2021ع تي تهران ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٻي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي علائقائي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ايران جي دوري دوران ميڊيا نمائندن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تهران پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا