اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي صبح اس??ام آباد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دوري جي ??ڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي ??ائب پرڏيهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين، وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اس??م به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دوري جي ??وقعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.
وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará