ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي ??طح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت اسڪول جي پرنسپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي ??مارت جنهن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي محفوظ ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي ??ر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ??مي??نيڪشن جي ??ديد ٽولز کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي ??اهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ڪاليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪن.
اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری