اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهري آ??ادين جي بي پن??هه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري آ??ادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جام?? حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي اعليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن جي ماسٽر پلان تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آهي، جي ماسٽر پلان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ۾ زمين جي استعمال، معاشي ترقي، ادارن جو بنيادي ڍانچو ۽ فنانشل پلان سياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آهي، اجلاس کي مختلف شهرن جي ماسٽر پلان جي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان آگ??هه ڪيو ويو پر ماسٽر پلاننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان به آگ??هه ڪيو ويو، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان دوران لينڊ پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي استعمال جي درجه بندي سان گڏوگڏ اسپيشل ڪمرشلائيزيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. خيبرپختونخوا جي حوالي ??ان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پلان مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو تحفظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان تيار آهي جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي، اسلام آباد جي حوالي ??ان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي تحفظ لاءِ به حڪمت عملي ??وڙي وئي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آ??ادين جي بي پن??هه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آهي، شهري آ??ادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جام?? حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق