اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي ح??ومتي دور جي ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا آهن، جڏهن ت?? 1999ع کان 2017ع تائين صرف 290 ارب روپين جون وصوليون ٿيون، مسلم ليگ ?? جي 10 سالا حڪومتي دور ۾ پنجاب جي بدعنواني جي خاتمي واري کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي، جڏهن حڪومت ڏوهارين جو تحفظ نٿي ڪري ۽ احتساب جي مشينري کي بنا ڪنهن مداخلت ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي ته نتيجا حاصل ٿيندا آهن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي ح??ومتي دور ۾ ۽ تحريڪ انصاف جي ح??ومت جي دور ۾ پنجاب ۾ اينٽي ڪرپش?? جي کاتي جي ڪارڪردگي ۾ فرق نمايان آهي، هن چيو ته مسلم ليگ ?? جي 10 سالن جي ح??ومتي دور جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جي ابتڙ موجوده حڪومت جي 31 مهين?? جي دوران پنجاب جي بدعنواني جي خاتمي واري کاتي بدعنوان عنصرن کان 220 ارب روپيا واپس وصول ڪيا، وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ?? جي 10 سالن جي ح??ومتي دور ۾ صرف 2 ارب 60 ڪروڙ روپي?? جي زمين آجي ڪرائي وئي هئي، جڏهن ت?? اسان جي ح??ومت هن وقت تائين 192 ارب جي سرڪاري زمين آجي ڪرائي آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ صرف 43 ڪروڙ روپي?? جي مقابلي ۾ اسا?? جي دور ۾ 2 ارب 35 ڪروڙ روپي?? جي نقد رڪوري ٿي آهي، ان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جي 10 سالن جي ح??ومتي دور ۾ ڪا سڌي طرح روڪ رقم وصول نه ٿي.
نيب تحريڪ انصاف جي ٽن سالن ۾ 484 ارب روپيا وصول ڪيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا