اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ن ليگ ماضي ۾ سد??ئي?? ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا، مخالف ڌر جا دليل (ن) ليگ جي ننڍي ذهنيت جو عڪاس آهن، اهي سمجهن ٿا ته اليڪشن کٽڻ جو پيدائشي حق به اهي ئي رکن ٿا، جيڪي اعتراض اٿاريا ويا اهي (ن) ليگ جي م??ئي??ڊ سيٽ تي ٻڌل هئا، مخالف ڌر جي وڪيل جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو، 2013ع ۽ اڄ جي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اهي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ پئسو لڳ??ئي??دا آهن، مخالف ڌر جي منافق رويي تي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي اسجد ملهي سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳاله??ئي??دي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران مخالف ڌر جي وڪيل مفروضن جي بنياد تي اعتراض اٿاريا، اهي اليڪشن کٽڻ کي پنهنجو پئداشي حق سمجهن ٿا، انهن جي دليلن ۾ ڪو به ثبوت نه هو ۽ نه ئي ڪو دليل. هنن جيڪي نقطا اٿاريا ??ن سان مسلم ليگ (ن) جي م??ئي??ڊ سيٽ جي عڪاسي ٿئي ٿي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ سد??ئي?? ڌئونس، ڌانڌلي ۽ فراڊ جي ذريعي اليڪشن مينج ڪيو، اهي اليڪشن ۾ هر شيءَ کي جائز سمجهندا آهن، وفاقي و??ير چيو ته ڪنهن جي خواهشن تي پوري تڪ ۾ اليڪشن نٿو ڪرائي سگهجي، جن پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض ناهي ته اتي اليڪشن ٻيهر ڇو ڪرايو وڃي، اليڪشن عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ٿيندو آهي، وفاقي و??ير چيو ته اسان چونڊ ڌانڌلي جي خلاف 2013ع ۾ پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪ??و، ان وقت جي اليڪشن ڪميشن ۽ اڄوڪي اليڪشن ڪميشن ۾ فرق آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن تي ڪو به دٻاءُ نه آهي، هي خودمختيار ادارو آهي.
ن ليگ ماضي ۾ سدائين ڌانڌلي ۽ فراڊ سان اليڪشن مينج ڪيا: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر