اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام سان پي ٽي آءِ حڪومت ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل واعدو وفا ڪيو آهي، ماضي ۾ ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ انهن جي مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي لاءِ ڌار سالياني ترقياتي پروگرام سان علائقي ۾ تعمير ۽ ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو، اختيارن جي منتقلي کي مرحليوار اڳتي وڌايو وڃي، عوا?? جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام ۽ ورڪنگ جي حوالي سان اجل??س کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ