ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي، ا??ان تبديل ٿينداسين ته پوءِ عوام ۾ تبديلي ايندي، جڏهن ائين ٿيندو ته ڊيم به ٺهندا، قرض به لهندا ۽ هي ملڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪنداسين. هو ڪراچي ج?? دوري جي موقعي تي ڊيمز جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير ۽ وڏي انگ ?? سرندي وارن ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ڊيمز فنڊ جي لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻي تي جڏهن کيس بريفنگ ڏني وئي ته خيال آيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرن جي ڪ??تري ضرورت آهي، ماضي ۾ ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، پاڪستان ۾ پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم هڪ آمر ايوب خان ج?? دور ۾ ٿيو، ان ??ان پاڪستانين کي سستي بجلي ملي جڏهن ته بعد ۾ ا??ان سستي بجلي جي ذريعن کي ڇڏي مهانگي بجلي طرف هليا وياسين ۽ پاڻي ذخيرن تي ڪ?? ڌيان نه ڏنو.
تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا